اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گي??اني ۽ فيصل واوڊا سميت 48 نئين سينيٽرن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪر?? ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد مان پاڪستان پيپلزپارٽي جو سيد يوسف رضا گي??اني ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي فوزيه ارشد، پنجاب مان مسلم ليگ (ق) جو ڪامل علي آغا، پي ٽي آءِ جو سيف الله سرور خان نيازي، عون عباس، اعجاز احمد چوڌري، سيد علي ظفر، زرقا سهروردي تيمور، مسلم ليگ (ن) جو افتان الله خان، ساجد مير، عرفان الحق صديقي، اعظم نذير تارڙ ۽ سعديه عباسي شامل آهن. سنڌ مان پاڪستان پيپلزپارٽي جو سليم مانڊوي والا، شهربانو شيري رحمان، تاج حيدر، شهادت اعوان، ڄام مهتاب حسين ڏاهر، ف??روق حامد نائيڪ، پلوشه محمد زئي خان، پي ٽي آءِ جو محمد فيصل واوڊا، سيف الله ابڙو، ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سيد فيصل علي سبزواري ۽ خالده اطيب، خيبرپختونخواهه مان پي ٽي آءِ جو محسن عزيز، سيد شبلي فراز، لياقت خان ترڪئي، فيصل سليم رحمان، ذيشان خانزاده، دوست محمد خان، محمد همايون مهمند، ثانيه نشتر، فلڪ ناز، گرديپ سنگهه، عوامي نيشنل پارٽي جو هدايت الله خان ۽ جي يو آءِ (ف) جو عطاءُ الرحمان شامل آهن. بلوچستان مان بلوچستان عوامي پارٽي جو پرنس احمد عمر احمدزئي، منظور احمد، سرفراز احمد بگٽي، سعيد احمد هاشمي، ثمينه ممتاز، دنيش ڪمار، بلوچستان نيشنل پارٽي جو محمد قاسم، اي اين پي جو عمر فاروق، جي يو آءِ (ف) جو مولانا عبدالغفور حيدري، ڪامران ??رت??يٰ ۽ آزاد اميدوار محمد عبدالقادر ۽ نسيمه احسان شامل آهن.