اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپ??ڪر اسد قيصر چيو آهي ته عوام کي رع??يت?? اگهن تي کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي موجوده حڪومت ??ي ترجيح آهي، سستي اگهن تي بينادي کاڌي پيتي جي شين جي هڪجهڙي ورڇ سان منافع خور مافيا کان عوام کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر سان ملاقات دوران ڪيو جنهن سا??س ملاقات ڪئي. اسپ??ڪر اسد قيصر يوٽيلٽي اسٽورز انتظاميه کي هدايت ڪئي ته هو ضرورتمند ماڻهن کي رع??يت?? اگهن تي ضروري شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مناسب طريقي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي ۽ منافع خور ۽ ذخيره اندوز مافيا جي ڪري رع??يت?? اگهن تي ملندڙ شين کي کوٽ پيدا نه ٿيڻ ڏين، هن ضلعي سطح تي انتظاميه کي رمضان المبارڪ دوران اگهن ۾ ناجائز اضافي جي روڪ ٿام کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي، يوٽيليٽي اسٽورز جي مينيجنگ ڊائريڪٽر پاران اسپ??ڪر کي رمضان جي مهيني ۾ کاڌي پيتي جي شين جي گهرج ۽ پهچ بابت بريفنگ ڏني.