اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي بنيادي، جمهوري ۽ آئيني حق تي پڪو يقين رکي ٿي، ميڊيا جي ترقي ?? صحافين جي ڀلائي اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آه??، رياست جي مفاد جو تحفظ اسان سڀني جي لاءِ مقدم ۽ پهرين ترجيح هجڻ گهرجي، جرنلسٽس پروٽيڪشن بل ج?? منظوري صحافين جي سلامتي، انهن جي حقن جي تحف?? ۽ ??لائي جي لاءِ تمام وڏي اڳڀرائي آهي. اها ڳالهه هن ڪراچي، لاهور ۽ نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جي عهديدارن سان ورچوئل اجلاس دوران ڳالهائيندي چئي.