اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي جي ذ??يع?? خطي جو استحڪام تباهه ڪري ره??و آهي، ڪشميرين کي گڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب انهن جو حق ملڻ تائين آواز اٿاريندو ره??دس، پاڪستان ڀرپور طريقي سان ڪشميرين جو ڪيس وڙهندو ره??دو. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي حوالي سان 5 آگسٽ 2019ع تي ڪيل ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم کي 2 سال مڪمل ٿي ويا آهن. انهن ٻن سالن ۾ دنيا ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ ڀارت جي قابض فوج جو غيرمعمولي ظلم ۽ ڏاڍ ڏسي ورتو آهي. دنيا ڪشميرين جي سڃاڻپ کي تباهه ڪرڻ ۽ آبادي جي تناسب کي طاقت جي ذ??يع?? تبديل ڪرڻ جي ڀارتي ڪوششن کي پڻ ڏسي ره?? آهي. وزيراع??م چيو ته ڀارتي حڪومت پاران ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ آر ايس ايس جي هندتوا نظريي جو تسلسل آهي، اڄ ڀارت پنهنجي جابراڻي قدمن ۽ رياستي دهشتگردي جي ذ??يع?? خطي جو استحڪام تباهه ڪري ره??و آهي جيڪو سمورن عالمي قانونن ۽ قدرن جي خلاف ورزي آهي. وزيراع??م چيو ته مون عالمي فورمن تي ڪشميرين جو آواز اٿاريو آهي ۽ گڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميرين کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق ملڻ تائين آواز اٿاريندو ره??دس. هن چيو ته پاڪستان ڀرپور طريقي سان ڪشميرين جو ڪيس وڙهندو ره??دو ۽ انشاءَ الله ڪشميرين جي جدوجهد ڪامياب ٿيندي.