اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت پاران پاڪستان ۾ تيار ڪيل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز سان آخرڪار اهو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي ته پاڪستان ۾ اسان کي اهڙيون چونڊون ملنديون جن ۾ حصو وٺ??دڙ سمورا اميدوار نتيجا تسليم ڪندا. پن??نج?? ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت پاران تيار ڪيل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي معائني جي پن??نج?? تصوير شيئر ڪندي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير شبلي فراز ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏ??ان ٿو.