اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد ٻٽا شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ رکندڙ شهرين کي 31 آڪٽوبر تائين مهلت ڏيندي چيو آه?? ته ان عر??ي دوران هو پنهنجو جعلي پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ ڪينسل ڪرائين، اسلام آباد ۾ مدرسي جو معاملو خوش اسلوبيءَ سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، قانون کي ڪمزور نه سمجهيو وڃي، نيوزيلينڊ جي ٽيم کي فوج جي ??يڪيورٽي ڏني وئي اوچتو واپس وڃڻ جي ??نهن جي فيصلي تي افسوس آهي، هڪ ڏينهن ايندو جو سڄي دنيا جون ٽيمون هتي اينديون، 19 ۽ 20 صفر تي چهلم جي موقعي تي صوبن کي ضرورت مطابق پاڪ فوج، رينجرز ۽ سول آرمڊ فورسز مقرر ڪيا ويندا. موبائل فون سروس ضرورت تحت بند رکي ويندي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شيخ رشيد احمد چيو ته افغانستان ما?? 16 هزار ڄڻن کي واپس ڪيو ويو آهي جن ۾ 4 هزار طورخم ۽ چمن بارڊر وسيلي هتي آيا آهن. هن چيو ته اسان افغانستان ۾ امن جا خواهشمند آهيون، وزيراعظم عمران خان تاجڪستان ۾ چيو هو ته افغانستان ۾ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. هن چيو ته جن ماڻهن وٽ 2 پاسپورٽ ۽ 2 شناختي ڪارڊ آهن ۽ جن ماڻهن جو ويزا ختم ٿي چڪو آهي ڪابينه ۾ سمري اُماڻي رهيا آهيون ته انهن کي 31 آڪٽوبر تائين ڇوٽ ڏني وڃي، انهن ما?? ڪير به هڪ شناختي ڪارڊ ۽ هڪ پاسپورٽ تان هٿ کڻڻو پوندن. هن چيو ته چهلم جي ??والي سان اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آه?? ته سمورن صوبن جي ??جازت سان چهلم جي موقعي تي موبائل فون سروس بند رهندي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ 50 بجاءِ 100 وارڊن ۾ چونڊون ٿينديون، اسلام آباد جي ??لاگر صحافي جي قتل جي ??والي سان جيڪا پروپيگنڊا ڪئي پئي وئي ان جي قاتلن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ قاتل اسلام آباد پوليس جي ??يمانڊ ۾ آهي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ اٽڪل 511 مدرسا ۽ هڪ هزار مسجدون آهن، انهن ما?? صرف هڪ مدرسي جو مسئلو ٿيندو رهندو آهي، انتظاميه انهن سان ڳالهين ۾ رهندي آه?? ته جيئن انهن جو ڪو حل ڪڍي سگهجي. اسان گڏيل اتفاق راءِ سان معاملي کي حل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته نيوزيلينڊ جي ٽيم جيڪا الزام تراشي ڪئي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو کين آرمي جي ??يڪيورٽي فراهم ڪئي، ايتر?? ته نيوزيلينڊ جي فورس به ناهي جيتري کين سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي هئي. اسان آخري لمحي تائين ڪوشش ڪئ?? ته مسئلو حل ٿئي پر ائين نه ٿي سگهيو. گهرو وزير چيو ته پاڪستان سڄي دنيا سان بهتر ناتا چاهي ٿو، وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته اسان پاڙيسري جي ??يثيت سان افغانستان ۾ انساني همدرديءَ تحت امداد ڪري رهيا آهيون. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته دنيا جا هاءِ سيڪيورٽي ايڪسپرٽ جڏهن پاڪستان جو دؤرو ڪري رهيا هئا ته ان مهل سيڪيورٽي اِشو کي ڇو نه اُٿاريو ويو، ڀارت ۾ ڪورونا جي ڪري ميچون ناهن ٿي رهيون، جڏهن ته وزيراعظم جي ڪامياب حڪمت عمليءَ تحت پاڪستان ڪورونا جي ??حران ما?? نڪري ويو آهي. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته اسان جي 80 هزار ماڻهن پنهنجي ??ياتين جا نذرانا پيش ڪيا آهن اسان جي قربانين جو احترام ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان جي ??يجنسين جو شمار دنيا جي ??هترين ايجنسين ۾ ٿيندو آهي، جيڪڏهن انهن وٽ ٿريٽ الرٽ نه هو ۽ جيڪي اِي ميل آئي اها به ان جي ??عد آئي. هن چيو ته ڀارت وٽ رڳو ٻه ئي خبرون آهن هڪ شيخ رشيد ۽ ٻيو طالبان. مون سياچن جو دؤرو امن لاءِ ڪيو. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته اسان جون سموريون سرحدون محفوظ آهن. هڪ ٻئي سوال جي ??واب ۾ شيخ رشيد احمد چيو ته پاڪستان ۾ ڪابه پناهگير ڪيمپ ناهي، افغان پناهگيرن جڏهن چاهيندا کين وطن اُماڻڻ جي ڳالهه ڪئي ويندي. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته پاڪستاني قوم جو ڪرڪيٽ سان وڏو لڳاءُ آهي جڏهن وزيراعظم عمران خان ورلڊ ڪپ کٽيو ته ان وقت ما?? راندين وارو وزير هئس. هن چيو ته چونڊن بعد هر ڪوئي ڌانڌليءَ جو راڳ آلاپيندو آهي، اسان جي ??پوزيشن انڊر 19 ٽيم آهي، اها اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي مخالفت ڪندي، حڪومت صاف شفاف چونڊن لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ??ستعمال جي ??ل کي قومي اسيمبليءَ ما?? پاس ڪرائيندي. هن چيو ته اپوزيشن ايندڙ چونڊن جي ??ياريءَ لاءِ نڪتي آهي، حڪومت اپوزيشن کي دعوت ڏئي ٿ?? ته اها اسان سان گڏجي ويهي مسئلن جي ??ل لاءِ ڳالهيون ڪري.