اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ خميس تي لاهور ج?? هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم لاهور ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زون لاهور ٽيڪنا پولس جو افتتاح ڪندو. ٽيڪنالاجي زون جي تعمير لاهور نالج پارڪ ڪمپني تحت ٿي آهي جتي وڏ?? پئماني تي ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ برآمدي صلاحيت وڌائڻ لاءِ سي??پڪاري ڪئ?? پئي وڃي، ان موقعي تي ٽيڪنالاجي زون ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ 12 ڪمپنين کي لائسنس جاري ڪيا ويندا، وڌيڪ ملڪ جي ٻين حصن ۾ ٽي ٽيڪنالاجي زونز جي تعمير لاءِ 300 ملين ڊالر ج?? سي??پڪاري جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون به ڪيون وينديون. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب به ڪندو. وزيراعظم لاهور ۾ اهم اجلاسن جي صدارت ڪندو، ان کانپوءِ وزيراعظم گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي نيو ڪيمپس ۽ ابو الحسن الشاذلي ريسرچ ??ينٽر آن صوفي ازم، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جو افتتاح ڪندو.