اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان س??اسي معاملن واري خاص مددگار ۽ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جي گذريل ڏينهن منعقد ٿيندڙ اجلاس ۽ قانونسازي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان پارٽي ?? اتحادي پارٽين ج?? ميمبرن جو اهم ملڪي معاملن ۽ سپليمنٽري فنانس بل جي منظوري تي ٿورو ادا ڪيو ۽ ملڪ عامر ڊوگر جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم اجلاس ج?? ميمبرن جي شرڪت ۽ قانونسازي جي حوالي سان ڪارڪردگي تي به رپورٽ طلب ڪئي. وزيراعظم عمران خان ملڪي ترقي لاءِ پارليامينٽ جي ڪردار کي مضبوط ڪرڻ ۽ موثر قانونسازي جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان ميمبرن کي سندن تڪن جي مسئلن جي حل، ترقياتي بجيٽ جي فراهمي ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن جي مقرر مدي ۾ تڪميل کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون.