اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن ب??بت وف??قي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ وچ ايشيا جي برطانوي پارلياماني انڊر سيڪريٽري آف اسٽيٽ، هميش فالڪنر ايم پي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪ??ي. ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪست??ن ۽ برطانيه وچ ۾ انساني حقن، قانوني معاملن ۽ گڏيل تعاون کي مضبوط بنائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ٻنهي طرفن کان انساني حقن جي تحفظ ۽ قانوني سڌارن جي مُک علائقن ۾ لاڳاپن کي وسيع ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ڪالهه انساني حقن واري وزارت مان جاري پريس رليز موجب وف??قي وزير پاڪستان طرفان انساني حقن جي تحفظ جي اهميت تي زور ڀريو ۽ عالمي قانوني دائره ڪ??ر تحت انساني حقن جي ترقي ۽ حفاظت لاءِ پاڪستان جي پُختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ گڏيل چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ مدد تي زور ڀريو ويو. وف??قي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ هميش فالڪنر انساني حقن جي حوالي سان تعاون ۾ وڌيڪ بهتري، مسلسل مڪالمي ۽ بهترين عملي تجربن جي ڏيوٺ ذريعي مضبوط لاڳاپا برقرار رکڻ جي اميد جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين يقين ظاهر ڪيو ته جاري تعاون پاڪست??ن ۽ برطانيه وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط ڪندو ۽ سندن شهرين جي بهترين مفاد ۾ خدمتون ا??جا?? ڏيندو.