اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي ??ي سي) قانوني بئنڪ ذريعن سان مٽاسٽا جو ناڻو موڪل?? جي حوصلا افزائي جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ۽ ان مقصد جي لاءِ 9.6 ارب رپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اي ??ي سي مختلف يونيورسٽين کي فنڊن جي فراهمي جي ڏس ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي لاءِ 5 ارب رپين جي فني ضمني گرانٽ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته اجلاس ۾ بلوچستان جي زرعي ٽيوب ويل صارفين کي زرتلافي ڏي?? جي مدي ۾ واڌ ??ي پڻ منظوري ڏني وئي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ ٿيو.