اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اسلامي تعاون تنظيم او آ??ِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي خصوصي نمائندي جو ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي حق ۾ بيان واکاڻ جوڳو آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب والاريل ڪشمير جي حل ۽ او آ??ِ سي جي قراردادن تي عملدرآمد جي مطالبي جي آجيان ڪريون ٿا، اسلامي ملڪن جي نمائنده تنظيم جو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار انهن مظلومن جي ل??ءِ حوصلي جو سبب ??هي. خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پن??نج?? ٽوئيٽ ۾ چيو ته او آ??ِ سي جي مسئلو ڪشمير تي ڪشميرين ۽ پاڪستان جي اصولي موقف جي اڻٽر حمايت واکاڻ جوڳي ??هي.