اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پي آءِ اي جي جهاز جي اوچتو حادثي جو ٻڌي صدمو پهتو آهي، آئون پي آءِ اي جي چيف ايگزيڪيوٽو ارشد ملڪ سان رابطي ۾ آهيان جيڪو ??يسڪيو ۽ رليف ٽيم سان گڏ ڪراچي روانو ٿي ويو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ان واقعي جي فوري جاچ ڪرائي ويندي. هن ان حادثي ۾ مارجي ويلن جي خاندانن سان تعز??ت ۽ انهن جي لاءِ دعا ڪئي.