اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي موجودگي ۾ پاڪستان ۽ ٽي عالمي ماليا??ي ادارن جي وچ ۾ 1500 ملين ڊالر جي مالياتي مع??هدن تي صحيحون ڪيون ويون، اهو مع??هدا عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ ايشئين انفراا??ٽر??چر ڊلپمينٽ بئنڪ سان طئي ٿيا. ايشيائي ترقياتي بئنڪ ڪوويڊ 19 ايڪٽو رسپانس اينڊ ايڪسپينڊيچر سپورٽ پروگرام لاءِ 500 ملين ڊالر جي مالي مدد فراهم ڪندو، ان جو مقصد حڪومت پاڪستان کي ان جي صحت جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ ڪورونا وبا جي سماجي ۽ مع??شي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ڪوششن ۾ تعاون فراهم ??رڻ آهي، انهي طرح ايشيئن انفراا??ٽر??چر انويسٽمنيٽ بئنڪ به ڪوويڊ 19 ايڪٽو ريسپانس اينڊ ايڪسپينڊيچر سپورٽ پروگرام لاءِ 500 ملين ڊالر جي مع??ون فنانسنگ فراهم ڪري رهيو آهي، ان جو مقصد ڪورونا وبا جي اثرن تي ضابطو آڻڻ جي حڪومتي ڪوششن ۾ تعاون فراهم ??رڻ آهي، ان کانسواءِ انساني وسيلن جي ترقي لاءِ ضروري صحت ۽ تعليم جي نظام کي مضبوط بڻائڻ، مع??شي پيداوار ۾ عورتن جي ڪردار جي حوصلا افزائي ۽ سماجي تحفظ جي منصوبن ۾ بهتري ۾ مدد جي سلسلي ۾ اسيڪورنگ هيومن انويسٽمينٽس ٽو فاسٽر ٽرانسفارميشن (شفٽ) لاءِ 500 ملين ڊالر جي مع??هدي تي به صحيحون ڪيون ويون.