اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊ??ڪٽر ظفر مرزا شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي عيدالاضحيٰ تي ايس او پيز تي عمل ڪن ته جيئن ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪي سگهجي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ت?? اسان کي عيدالاضحيٰ تي هڪ تمام وڏو چئلينج درپيش آهي، بحيثيت قوم اها اسان جي گڏيل ذميواري آهي ته ڪ??رونا وائرس کان ??چا??ُ جي لاءِ احتياطي تدبيرن تي مڪمل عمل ڪريون.