اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان فورٽسڪيو گروپ جي چيئرمين اينڊريو فورسٽ جي سربراهي ۾ آسٽريلين وفد ملاقات ڪئي. ايوان صدر ميڊيا آفيس م??ن جاري بيان موجب ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان هڪ لبرل ۽ سيڙپڪار دوست پاليسي اختيار ڪئي آهي تنهن ڪري غي?? ملڪي سيڙپڪارن کي لبرل سيڙپڪاري جي ماحول مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان جي سيڙپڪاري پاليسي غي?? ملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ سازگار ڪاروباري ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ هڪ جامع فريم ورڪ فراهم ڪندي آهي.