تربت – 13 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تربت ۾ 200 بسترن تي مشتمل ٽيچنگ اسپتال، مخ??لف شاهراهن ۽ ٻين ترقياتي منصوبن جو پيڙهه جو پٿر ۽ افتتاح ڪيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب جمعي ڏينه?? وزيراعظم تربت ايئرپورٽ جي توسيع، 200 بسترن تي ٻڌل مڪران ميڊيڪل ٽيچنگ اسپتا?? تربت، يونيورسٽي آف تربت جي فيز 2 ۽ ايم – 8 جي 146 ڪلوميٽر هوشاب – آواران سيڪشن جو پيڙهه جو پٿر رکي??، ان دورا?? وزيراعظم کي اين – 30 جي 106 ڪلوميٽر ٻن لائين واري بسمه – خضدار روڊ تي اڳڀرائي ۽ ڏکڻ بلوچستان لاءِ ت??قياتي پيڪيج جي باري ۾ بريفنگز ڏنيون ويون.