اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پي آءِ اي کي قومي اثاثو قرار ڏيندي چيو آهي ته قومي ايئر لائين جو ماضي شاندار آهي، پي آءِ اي کي عالمي سطح تي پنهنجو مقام واپس حاصل ڪرڻ ۽ ان کي من??فع بخش بڻائڻ ??اءِ ا?? جي سروس کي عالمي معيار موجب بڻائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار پي آءِ اي جي ح??الي سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ هوابازي وارو وفاقي وزير غلام سرور خان، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، سينيٽر نعمان وزير خٽڪ، ايوي ايشن جو سيڪريٽري شوڪت علي، سي اي او ايئ?? مارشل (ر) ارشد ملڪ، ڊي جي سول ايوي ايشن ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر عشرت حسين اجلاس کي پي آءِ اي جي نئين سر جوڙجڪ جي حڪمت عملي جي باري ۾ آگاهه ڪيو جنهن سان نه رڳو پي آءِ اي جي مالي حالت ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي پر ا?? جي من??فع بخش روٽ وڌائي عالمي رخن تي سروس فراهم ڪري سگهجي ٿي، ايئ?? مارشل (ر) ارشد ملڪ وزيراعظم کي پي آءِ اي جي بهتري لاءِ کنيل قدمن ۽ ان سان اداري تي پوندڙ مثبت اثرن کان آگاهه ڪيو.