لاهور – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? هدايت ڪئي آهي ته معاشي لحاظ کان ڪمزور طبقي جي امداد لاءِ خصوصي منصوبو ٺاهيو وڃي ته جيئن حڪومتي وسيلن کي سبسڊي طور عوامي ڀلائي جي لاءِ موثر انداز ۾ استعمال ڪري سگهجي، مستقبل ۾ عوام کي پريشاني کان بچائڻ لاءِ ??ڻڪ جي پهچ ۽ ا??ي جي اگهه جي نظام کي ج??مع حڪمت عملي تحت مستحڪم ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب صوبي ۾ ميوون ۽ ڀاڄين جي منڊين جي تعداد ۾ اضافي ۽ ا??ي جي اگهه ۾ لاٿ آڻڻ جي حوالي سان کنيل قدمن جي ج??ئزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ميوون ۽ ڀاڄين جي منڊين جي تعداد ۾ اضافي جي غرض سان موجوده قانون?? ۾ ??ظرثاني ۽ ترميم، نجي شعبي جي سهڪار ۽ طريقيڪار کي وڌيڪ آسان بڻائڻ جي حوالي سان ڪيل فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ شروعاتي اڳڀرائي ۽ مستقبل جي لائحه عمل تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي وزيراعظم عمران خا?? جي خصوصي هدايتن جي روشني ۾ ضروري شين جي عوام الناس کي مقرر ڪيل اگهن تي دستيابي، اٽي جي اگهه ۾ لاٿ آڻڻ لاءِ ??ڻڪ مان اٽي جي پيداوار وڌائڻ جي ڏس ۾ فلور مل?? ۾ ??يسائي جي 80:20 تناسب تي عملدرآمد، ??ڻڪ جي خريداري، پهچ ۽ اسٽوريج ۾ انتظامي خرچن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان سڌارن تي ڄاڻايل تجويزون پيش ڪيون ويون.