اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) گلگت بلتستان کي عبوري صوبو ٺاه?? جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان پاران جوڙيل ڪميٽي جو پهريون اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس جي صدارت ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن و??ري وفاقي وزير علي امين خان گنڊاپور ڪئي. اجلاس ۾ قانون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم، گلگت بلتستان جو وڏو وزير خالد خورشيد، ڪشمير معاملن و??ري وفاقي سيڪريٽري کانسواءِ پرڏيهي وزارت، دفاع و??ري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن ??ي اهم عملدارن ??رڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته عبوري صوبي جي قيام جي حوالي سان گلگت بلتستان اسيمبلي جي متفقه قرارداد گ??گت بلتستان جي عوام جي امنگن جي عڪاس آهي ۽ اسان جي حڪومت ان واعدي جي تڪميل کي يقيني بڻائي رهي آهي. اجلاس ۾ گلگت بلتستان کي عبوري صوبي جي حيثيت ڏي?? جي حوالي سان مختلف ماڊلز تي به تفصيلي غور ڪيو ويو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته گلگت بلتستان کي عبوري صوبو ٺاه?? جي حوالي سان قومي مفادن، عوام جي امنگن ۽ سياسي اتفاق راءِ کي يقيني بڻايو ويندو.