ڪراچي – 24 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان نو??درات قائداعظم ۾ محققين ۽ تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ تاريخي نو??درات بابت معلومات کي ڊيجيٽل طريقي سان فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ شوڪيسز ۾ مناسب روشني جو انتظام ڪرڻ سميت سياحن جي لاءِ سهولتون يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هو گورنر هائوس ۾ ايوان نو??درات قائداعظم ۽ نيشنل ميوزيم آف پاڪ??تا?? جي رنگ روغن ۽ اپ گريڊيشن جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ منعقد اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن جي سينيئر عملدارن ۽ قائداعظم جي مزار جي مئنيجمينٽ بورڊ ??ي عهديدارن پڻ شرڪت ڪئي.