ليه – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته ڌاڙيلن جي خلاف ڪارروائي ۾ رينجر?? پوليس جي مدد ڪندي، خواهش آه?? ته هر شهري کي هيلٿ انشورنس جي سهولت حاصل هجي، دنيا جو ڪو ٻيو ملڪ ايتري وڏي سهولت نه ڏئي رهيو آه??، نيون اسپتالون ٺاهڻ جي لاءِ نجي شعبي جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي، شهرن جي پکيڙ تڏهن ٿيندي آه?? جڏهن ڏورانهن علائقن جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو وڃي، ترقي جي عمل ۾ سڀني علائقن کي شامل ڪرڻ گهرجي، اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت سهولت ڪارڊ جي فراهمي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار، صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي، وزيراعظم چيو ته هو چاهي ٿو ته هر خاندان وٽ هيلٿ انشورنس هجي اڄ کان 50، 60 سال اڳ تيزي سان ترقي ڪري رهيو هو، دنيا ۾ ڪنهن ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ ان وقت ويزا جي به ضرورت نه هئي، تڏهن برطانيه ۾ قانون سڀني لاءِ برابر هو ?? برطانيه هڪ فلاحي رياست هئي ۽ اتي سڀني ماڻهن جو سرڪاري اسپتالن ۾ مفت علاج ڪيو ويندو هو. پاڪستان هڪ فلاحي رياست لاءِ قائم ڪيو ويو هو پر بدقسمتي سان اسان جو ملڪ فلاحي رياست نه بڻجي سگهيو، وزيراعظم چيو ته غريب ماڻهن لاءِ علاج جي مفت سهولت تمام وڏي نعمت آه??، شوڪت خانم ڪينسر اسپتال به غريبن لاءِ ٺاهي آه??، ڇاڪاڻ جو ڪينسر جو علاج گهڻو مهانگو آه??، انسانيت جي ڀلائي لاءِ قدمن سان برڪت ٿيندي آه??، مديني جي ريا??ت دنيا جي پهرين فلاحي رياست هئي، دنيا ۾ مديني جي رياست سڀ کان وڏو انقلاب آندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ٻارن جي اڪثريت بنيادي سهولتون نه ملڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويندي آه??، ۽ ماءُ ۽ ٻار جون فوتگيون به اسان وٽ گهڻيون ٿينديون آه??، ان ۾ گهٽتائي لاءِ ماءُ ۽ ٻار جي اسپتالن جو ڏورانهن علائقن ۾ قيام تمام ضروري هو، بنيادي صحت جي مرڪزن جي شمسي توانائي تي منتقلي گهڻي اهميت رکندڙ آه??.