اسلام ??باد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پهريون ڀيرو ڪنهن به سال ۾ 4000 ارب رپين جي وصولين جو تاريخي سنگ ميل عبور ڪرڻ تي ايف بي ??ر جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان آگاهه ڪيو ته ج??لاءِ کان مئي دوران ايف بي ??ر جون اوڳاڙيون 4143 ارب تائين پهچي ويون آهن ۽ اڃا اهي اوڳاڙيون جاري آهن، اهي گذريل سال جي ايتري ئي عرصي جي اوڳاڙين جي ڀيٽ ۾ 18 سيڪڙو وڌيڪ آهن. وزيراعظم چيو ته اها صورتحال حڪومت جي پاليسين جي ڪري وسي?? البنياد معاشي بحالي جي عڪاسي ڪري ٿي.