مشهد – 04 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صا??ق سنجراڻي وفد ??مي?? مشهد پهچي ويو آهي. مشهد جو ڊپٽي گورن?? ۽ ??ائونسل جنرل عارف ڀٽني ايئر پورٽ تي وفد جو استقب??ل ڪيو. وفد روضه امام رضا تي حاضري ڏيڻ کانپوءِ تهران روانو ٿي ويندو. سينيٽ چيئرمين جي سربراهي ۾ وفد ايران جي نئين چونڊيل صدر ابراهيم رئيسي جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران محمد صا??ق سنجراڻي ايران جي صدر ابراهيم رئيسي ??مي?? ٻين اهم اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندو. ان دوري ۾ سينيٽ چيئرمين محمد صا??ق سنجراڻي وزيراعظم پاڪستان عمران خان پاران پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. اعليٰ سطح تي پارلياماني وفد ۾ سينيٽ چيئرمين محمد صا??ق سنجراڻي سان گڏ سينيٽرز دلاور خان، احمد خان، محمد عبدالقادر کانسواءِ سينيٽ جا اعليٰ عملدار به شامل آهن.