اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 60 ف??تگيون ٿيون جنهن مان 33 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾5 هز??ر 661 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان بهاولپور ۾ 40 سيڪڙو، پشاور ۾ 31 سيڪڙو، گوجرانوالا 21 س??ڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 37 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ايبٽ آباد ۾ 70، ڪراچي ۾ 63 سيڪڙو، ا??ڪردو ۾ 49 سيڪڙو ۽ حيدر آباد ۾ 44 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 62 هز??ر 462 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 21 هز??ر 759، پنجاب ۾ 20 هز??ر 96، خيبرپختونخواهه ۾ 11 هز??ر 276، ا??لام آباد ۾ 4 هز??ر 179، بلوچستان ۾ 2 هز??ر 672، گلگت بلتستان ۾ 756، آزاد ڪشمير ۾ هڪ هز??ر 724 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 52 هز??ر 616 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 404 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 77 هز??ر 409 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 10 لک 53 هز??ر 660 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 25 هز??ر 778، بلوچستان ۾ 30 هز??ر 880، گلگت بلتستان ۾ 8 هز??ر 473، ا??لام آباد ۾ 89 هز??ر 117، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 46 هز??ر 485، پنجاب ۾ 3 لک 60 هز??ر 494 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 92 هز??ر 433 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 23 هز??ر 635 ٿي چڪو آهي.