پشاور – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان جمعي ڏينهن پشاور ۾ مغل دور ۾ تعمير ٿيل ??ار??خي عم??رت علي مردان خان ويلا جو دورو ڪيو ان موقعي تي خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان ۽ وڏو وزير محمود خان کانسواءِ عسڪري ۽ قديمي آثارن واري کاتي جا عملدار به موجود هئا. وزيراعظم کي علي مردان ويلا جي بحالي ۽ رنگ روغن بابت ت??صيلي بريفنگ ڏني وئي.
وزيراعظم عم??ان خان ڄاڻايل عم??رت جي بحالي ۽ رنگ روغن لاءِ آرڪيالاجي کاتي جي ڪوششن ??ي ساراهيو، هن چيو ته اسان کي پنهنجي ثقافتي ورثي جي حفاظت ڪري ايندڙ نسلن کي پنهنجي شاندار ماضي جي باري ۾ آگاهي ڏيڻي آهي. وزيراعظم علي مردان ويلا جي مختلف حصن جو دورو به ڪيو ۽ هتي موجود مغليه دور جي آثار قديمه جو معائنو ڪيو.
ياد رهي ته علي مردان ويلا 11 ڪور آرمي هيڊڪوارٽر جي اندر واقع آهي، اها عم??رت مغل دور ۾ علي مردان خان 17 هين صدي ۾ ٺاهي هئي جيڪو مغل بادشاهه شاهجهان جي حڪومتي دور جو مشهور سپه سالار، انجنيئر ۽ ڪشمير، ڪابل ۽ لاهور جو گورنر رهيو آهي، مغليه فن تعمير جي اها شاهڪار عم??رت پنهنجي دور جي خوبصورت ترين عم??رتن ۾ شامل هئي. 2015ع کان پهرين ڄاڻايل عم??رت ڌيان نه ڏيڻ سبب کنڊر جو منظر پيش ڪري رهي هئي جنهن تي آرڪيالاجي پاڪ فوج جي تعاون سان 2015ع ۾ ان جي بحالي ۽ رنگ روغن شروع ڪيو جيڪا هاڻي مڪمل ٿي چڪي آهي.
??ار??خي عم??رت علي مردان خان کانپوءِ سک حڪومتي دور ۾ فرانسيسي نزاد جنرل ڪلاوڊ آگسٽ ان عم??رت کي پنهنجو آستانو بڻايو ۽ 1827ع کان 1843ع تائين اتي رهيو ان کانپوءِ 1847ع ۾ ليفٽيننٽ جنرل سر جارج لاورنس جيڪو پشاور جو پهريون ڊپٽي ڪمشنر هو، ان عم??رت کي سر??ار?? طور تي رهائشگاهه ۾ تبديل ڪري پنهنجي خاندان سان مستقل رهڻ لڳو بعد ۾ ليفٽيننٽ جنرل هيري بٽ ب?? ان ??ار??خي عم??رت ۾ رهيو ان کانپوءِ اها عم??رت رڪارڊ روم جي طور تي به استعمال ۾ رهي آهي.