رملا -25 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب جو هڪ وفد هلندڙ هفتي اسرائيل جي اولهندي ڪناري ۾ واقع رمله شهر جو دورو ڪندو ۽ اتي فلسطين جي صدر محمود عباس سان ملاقات ڪندو، جڏهن ته اسرائيل ۽سعودي عرب وچ ۾ امن معاهدي کي يقيني بڻائڻ جون سفارتي ڪوششون جاري آهن، جنهن ۾ فلسطين لاءِ مراعتون شامل ٿي سگهن ٿيون. سعودي خابرو اداري مطابق هڪ فلسطيني عهديدار ٻڌايوته وفد جي قيادت فلسطين ۾ سعودي سفير ڪندو، جنهن جي مقرري ??ذر??ل مهيني ڪئي وئي هئي. واضح رهي ته سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ اسرائيل جو وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو ??ذر??ل هفتي چيو هو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مع??ول جا ناتا قائم ڪرڻ جي معاهدي تائين پهچڻ جون ڪوششون جاري آهن. ان دوران آمريڪي عهديدارن اشارو ڏنو آهي، ته واشنگٽن جو اسرائيل سان دفاعي معاهدو ۽ سعودي عرب لاءِ سويلين ايٽمي پروگرام سميت ڪو به معاهدو متوقع آهي. واضح رهي ته آمريڪا جي ٽياڪڙي ۾ اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ امن ڳ??لهيون 2014ع ۾ ڪٽجي ويون هيون ۽ بعد ۾ تشدد جي لهر سبب ٻنهي ڌرين وچ ۾ ناتا هاڻي تائين خراب هئا جنهن سان امن ڳ??لهيون بحال نه ٿي سگهيون.