اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم فڪر نه ڪري پاڪستان جو مستقب?? روشن آهي، اي گورننس جو بهترين نظام آ??ي رهيا آهيون، ڊيجيٽل پاڪستان منصوبي کي ڪامياب بڻائينداسين، ان سان ڪرپشن جو خاتمو ٿيندو، ماضي ۾ پئسن جي لاءِ ٻين جون جنگيون وڙهيون ويون، اڄ جو پاڪستان امن جي لاءِ ملڪن جي وچ ۾ ثالث جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، امت کي متحد ڪنداسين. هو ڊيجيٽل ويزن پاڪستان جي ??قر??ب کي خطاب ڪري رهيو هو.