اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مشڪل معاشي حالتن جي باوجود معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ کانپوءِ حڪومت جي ڀرپور ڪوشش آهي ته استحڪام جو اڳيون مرحلو معاشي ترقي جي شڪل اختيار ڪري، اس??ن جو ويزن ملڪ کي پائيدار معاشي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ آهي جنهن لاءِ ڊگهي مدي واري جامع منصوبابندي نهايت اهميت رکندڙ آهي. اها ڳالهه هن سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام مالي سال 20 -2019?? تي اڳڀرائي جي جائزي جي صدارت ڪندي چئي.