اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته توانائي جي شعبي ۾ درپيش مسئلن تي ضابطو آڻڻ لاءِ حڪومت پهرين ڏينهن کان ئي هنگامي ب??يادن تي قدم کڻي رهي آهي، سنگين ان??ظا??ي ۽ مالي مسئلا ورثي ۾ مليا، بجلي ۽ گئس جي چوري ۾ ملوث عنصرن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي، سالن کان نااهلي ۽ ڪرپشن نظام جي ب??يادن تي ک??کلو ??ري ڇڏيو آهي، آئوٽ آف باڪس قدم کڻڻا پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن رياستي ملڪيتي ادارن جي ڪارڪردگي ۾ به??ري جي غرض سان کنيل قدمن جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.