اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڀاڻي ڇنڇر کان لاڪ ڊائون کي مرحليوار ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ان جي ??ري عام ماڻهو جي زندگي مشڪل ۾ آهي ۽ ننڍي ۽ وچين درجي جي ??اروباري طبقي، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن، پورهيتن، دڪاندارن، رڪشي ۽ ٽيڪسي ڊرائيورن سميت هيٺئين درجي جي طبقي کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، عوام ايس او پيز جي سختي سان پاڻمرادو پابندي ڪري، پوليس ذريعي ڇاپا هاڻي اهو مسئلو حل نه ٿو ڪري سگهجي، پبلڪ ٽرانسپور?? کولڻ تي ??وب?? جا خدشا آهن، انهن کانسواءِ فيصلا نه ٿا ڪرڻ چاهيون، ??وب?? سان مشاورت جاري رکنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته 26 فيبروري تي ڪورونا جو پهريون ڪيس سامهون آيو، 13 مارچ تي جڏهن ملڪ ۾ رڳو 26 ڪيس هئا ته حڪومت لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ۽ تڏهن کان اڄ تائين حڪومت مختلف قسم ??ي ميڙن ۽ عوامي ميڙ وارين جاين کي بند ڪيو آهي. هن چيو ته اهو وائرس تيزي سان پکڙجي ٿو ۽ تمام جلدي هڪ کان ٻئي ماڻهو کي منتقل ٿئي ٿو، ان لاءِ ان جي ????لا??ُ کي روڪڻ جو ذريعو سماجي فاصلو ئي آهي.