اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جي ش??يد ??ذمت ڪندي چيو آهي ته ملڪي معيشت ۽ ت??قي کي نشانو بڻائڻ وارا پنهنجي ناپاڪ ڏوهن ۾ ناڪام رهندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پنهنجي جان تري تي رکي عوام جي زند??ين جو تحفظ ڪندڙ ۽ حملي کي ناڪام بڻائيندڙ اسان جا قابل فخر هيرو آهن، هن چيو ته شهيد ??يندڙ سيڪيورٽي اهلڪارن کي خراج عقيدت ۽ ڏکويل خاندانن سان دلي تعزيت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان.