اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سرديءَ جي موسم جي ڪري ڪورونا جي ٻي لهر جي خطري ۽ وڌيڪ نقصان کان بچڻ جي لاءِ وقت سر فيصلاساز?? جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي هينئر کان ئي قدم کڻڻ ۽ حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، حفاظتي قدمن ۽ ماسڪ جو استعمال هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي. هو ڪوو??ڊ 19 با??ت قومي رابطا ڪميٽ?? جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.