اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پمز اسپتال اسلام آباد جو غير اعلانيه دورو ڪيو، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي ??زير سينيٽر ش??لي فراز ۽ خصوصي صلاح??ار ڊاڪٽر فيصل سلطان به گڏ هو، وزيراعظم اسپتال جي نئين ايمرجنسي بلاڪ جو معائنو ڪيو، خصوصي صلاح??ار ڊاڪٽر فيصل سلطان اسپتال جي نئين ايمرجنسي بلاڪ ۾ مريضن کي فراهم ٿيندڙ سهولتن جي باري ۾ بريفنگ ڏني، صحت واري خصوصي صلاح??ار وزيراعظم کي ٻڌايو ته ڪورونا وبا کي نظر ۾ رکندي ايمرجنسي ۾ ايندڙ مريضن لاءِ مخصوص طريقي??ار جوڙيو ويو آهي، خصوصي صلاح??ار ٻڌايو ته ايمرجنسي مريض کي فوري طور تي ابتدائي طبي امداد جي فراهمي کانپوءِ ان جي حالت موجب ان کي اسپتال جي لاڳاپيل حصي ۾ منتقل ڪيو ويندو آهي. ان طريقي??ار سان ايمرجنسي مريض ۽ اسپتال ۾ پهرين کان موجود مريضن کي جتي ڪورونا کان محفوظ رکڻ ۾ مدد ??لن??ي آهي اتي مريض کي مرض موجب لاڳاپيل شعبي ۾ منتقلي جو عمل به آسان ٿيندو آهي.