اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت بلوچستان جي پوئتي پيل ڏاکڻين ضلعن ل??ءِ وڏي ترقياتي پيڪيج جو اعلان ڪي?? آهي جنهن تحت انهن ضلعن ۾ بجلي، گئس ۽ رستن جي سهولت جي فراهمي ل??ءِ ٽي سالن ۾ 600 ارب روپيا خرچ ڪيا ويندا، انهن ضلعن ۾ نيشنل گرڊ ۽ ٻين ذريعن مان بجلي فراهم ڪئي ويندي، جيڪي ماڻهو مهانگي گئس نٿا خريد ڪري سگهن انهن جي احساس پروگرام تحت مدد ڪنداسين، پيڪيج تحت 16 نون ڊيمن جي تعمير سان هڪ لک 50 هزار ايڪڙ زمين آباد ٿيندي، گلگت بلتستان جي عوام تحريڪ انصاف تي اعتماد جو اظهار ڪي?? آهي، ان علائقي جي ل??ءِ به جامع ترقياتي پيڪيج ڏنو ويندو، اندروني سنڌ ترقي جي ل??ءِ جامع حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهيا آهيون، ڪراچي جي ل??ءِ به پيڪيج ڏن?? آهي، پي ڊي ايم جو بيانيو ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار آهي، عوام جي مسئلن تي ڳالهين ل??ءِ اسان جا دروزا کليل آهن پر اين آر او نه ملندو. اطلاعات ۽ نشريات وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، مواصلات واري وزير مراد سعيد، دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي من??وبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته وزير??عظ?? عمران خان پهريون وزير??عظ?? آهي جنهن گذريل ڏينهن تربيت جو دورو ڪيو، وزير??عظ?? عمران خان جي ويزن موجب حڪومت جي ذميداري آهي ته ملڪ ۽ معاشري جي ڪمزور ترين طبقن کي سهارو ڏنو وڃي، هن چيو ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي ڏاکڻين ضلعن جي ترقي جي ل??ءِ جيڪو پيڪيج ڏن?? آهي ان ۾ اتي جي سڀ کان وڏين ضرورتن جو خيال رکيو وي?? آهي، اتي جي نوجوان آبادي جو وڏو حص?? آهن، اتي زراعت به هڪ وڏو ذريع?? آهي جنهن جي ل??ءِ پاڻي جي ضرورت هوندي ۽ ان جي ل??ءِ اتي ڊيم ٺاهڻ هڪ ضرورت آهي، انهن علائقن جي مجموعي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ترقياتي حڪمت عملي تي عمل پيرا آهيون.