ڪوهاٽ – 28 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سدائين پٺتي پيل طبقن جي بهتري لاءِ سوچيو ۽ جدوجهد ڪئي آهي، وزيراعظم جي ن??ت صاف آهي، سندس مخلصاڻي ڪوششن ۽ سياسي بصيرت جي ڪري ڪورونا جي باوجود ماڻهن جو رو??گار محفوظ رهيو. هو ڪوهاٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ورڪرز کي خطاب ڪري رهيو هو.