اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته خانداني منصوبابندي ۽ ماءُ جي صحت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ صحت کاتي ۽ آباد?? جي ڀلائي واري کاتي جو تعاون لازمي آهي، آباد?? جي ڀلائي ۽ صحتمند خاندان جي فروغ لاءِ عالم سڳورن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس پشاور ۾ اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان، صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. صدر کي صوبي ۾ آباد?? جي ڀلائي ۽ مائرن جي صحت جي لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته خانداني منصوبابندي ۽ ماءُ جي صحت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ صحت کاتي ۽ آباد?? جي ڀلائي واري کاتي جو تعاون لازمي آهي، وڌندڙ آبادي معيشت، ماحوليات، صحت، تعليم ۽ سمورن شهرين جي زندگ?? جي معيار کي بري طرح متا??ر ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته آباد?? جي ڀلائي ۽ صحتمند خاندان جي فروغ لاءِ عالم سڳورن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، آباد?? جي ڀلائ?? جي فروغ لاءِ وقت سر قانونسازي لازمي آهي.