ساهيوال – 29 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ساهيوال ۾ صحت، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ ٻين ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. ڪالهه جمعي ڏينه?? وزيراعظم ??يڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڊسٽرڪٽ هيدڪوارٽر اسپتال ساهيوال ۾ عالمي معيار جي ڪارڊيالاجي ۽ ڪارڊيڪ سرجري بلاڪ جي پيڙهه جو پٿر پڻ ر??يو. نئين بلاڪ جي تعمير سان ساهيوال جي ماڻهن کي مقامي سطح تي عالمي معيار جي علاج جي سهولت ملي سگهندي. ان کانسواءِ وزيراعظم عمران خان سالڊ ويسٽ سيگريگيشن، ٽريٽمينٽ ڊسپوزل منصوبي جو افتتاح ڪيو. ان منصوبي تحت ڪچرو گڏ ڪرڻ کانپوءِ ان کي مختلف درجن ۾ ورهائي بهتر طريقي سان تلف ڪري سگهبو، ان سان گڏوگڏ هن ساهيوال ۾ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ اڪيڊمي جو پڻ پيڙهه جو پٿر ر??يو. ان کانسواءِ وزيراعظم ??اڪپتن ۾ بابا فريدالدين گنج شڪر جي دربار ويجهو قائم ڪيل لنگرخاني ”سرائي قطب“ جو پڻ افتتاح ڪيو. هن ان موقعي تي ساهيوال ۾ پنجاب انٽرميڊيئٽ سٽيز امپروومينٽ انويسٽمينٽ پروگرام تحت صاف پاڻي، پاڻي جي نيڪالي ۽ ماحولياتي درستگي، پارڪس جي تعمير جي لاءِ 18 ارب رپين جي ماليت جي منصوبن جو پڻ پيڙهه جو پٿر ر??يو.