GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

ڪنهن به دهشتگرد گروهه سان هٿيار اڇلائڻ تائين ڳالهيُون نه ٿينديُون، مولانا فضل الرحمان جو افغانستان جو دورو غيرسرڪاري آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي

image

اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان جي رياست جي موقف کي واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به دهشتگرد گروهه سان ان وقت تائين ڳالهيون نه ٿينديون جيستائين اهي هٿيار نه اڇلائيندا، پرڏيهي آفيس وضاحت ڪري چڪي آهي ته مولانا فضل الرحمان جو افغانستان جو دورو غيرسرڪاري آهي، جيڪڏهن ڪو سياستدان ٻن ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪري ٿو ته ان جي آجيان ڪرڻ گهرجي، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ حڪومت پرعزم آهي، نوجوان نسل کي انتهاپسندي کان بچائڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار ڪنفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز (پي آءِ سي ايس ايس) پاران جاري ڪيل سالياني سيڪيورٽي جائزه رپورٽ جي پڌرائي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڪنفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز جو چيئرمين محمد سعد خٽڪ، انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز جو صدر نديم رضا، پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڪنفلڪٽ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر عبدالله خان ۽ ڊائريڪٽر ريسرچ گل داد پڻ موجود هئا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير رپورٽ جي تياري ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڪنفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز جي محقيقن جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پيچيده سيڪيورٽي چئلينجن کي سمجهڻ ۽ انهن کي منهن ڏيڻ ۾ هي رپورٽ اهم ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته پي آءِ سي ايس ايس جو ڪم پاليسي فيصلن ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته اڄ جي دور ۾ ڊيٽا تي ٻڌل رپورٽس فيصلاسازي جو بنياد آهن، پي آءِ سي ايس ايس ان سلسلي ۾ هڪ اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي. اهڙي طرح جون رپورٽس نه رڳو اسان جي سيڪيورٽي منظرنامي کي سمجهڻ ۾ مدد فراهم ڪن ٿيون پر پاليسي سازن جي لاءِ هڪ روڊ ميپ جو ڪم پڻ ڪن ٿيون. انسٽيٽيوٽ فار ڪنفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز جي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پي آءِ سي ايس ايس ميڊيا ۽ سفارتي برادري ۾ اڳ ۾ ئي هڪ معتبر نالو آهي ۽ ان جا مختلف تحقيقاتي مطالعا معاشري جي لاءِ قابل قدر خدمتون آهن. هن چيو ته نوجوانن کي مشغول ڪرڻ جي لاءِ پي آءِ سي ايس ايس جي ملڪ گير مهم ”پاڪسانيت“ اسان جي نوجوانن کي انتهاپسنداڻي نظرين جو شڪار ٿيڻ کان بچائڻ جو هڪ بهترين طريقو آهي. هن چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار ڪنفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز ڊيٽا تي ٻڌل موقف جو اطلاق ڪري ٿو ۽ پاڪستان ۽ ويجهي پاڙيسري ملڪن ۾ سيڪيورٽي ۽ تڪرارن بابت اڳڀرائي جو معروضي تجزيو فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته مون کي اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته پي آءِ سي ايس ايس 2001ع کان پاڪستان ۾ رياست مخالف تشدد جي ڊيٽابيس تيار ڪئي ۽ هاڻي ان کي افغانستان سميت پوري ڏکڻ ايشيا تائين ڦهلائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته اها ڊيٽا پي آءِ سي ايس ايس جي محققين کي تحقيق ڪرڻ ۽ هفتيوار، ماهوار ۽ سالياني رپورٽس تيار ڪرڻ جي لاءِ ڪارائتي ثابت ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته حڪومتن ۽ ٿنڪ ٽينڪس جي وچ ۾ وڌيڪ مضبوط رابطي جي ضرورت آهي. هن چيو ته حڪومت ۽ پي آءِ سي ايس ايس جهڙن ادارن جي وچ ۾ تعاون حوصلي جوڳو آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پي آءِ سي ايس ايس جي سالياني سيڪيورٽي جائزه رپورٽ 2023ع مڪمل تحقيق جو نتيجو آهي. اها ڊيٽا کي سمجهڻ ۾ تمام گهڻي آساني فراهم ڪري ٿي. ان رپورٽ کي پڙهي ڪو به ملڪ درپيش مسئلن تي مڪل ضابطو آڻي سگهي ٿو. هن سمورن لاڳاپيل ادارن کي رپورٽ جو مطالعو ڪرڻ جو مشورو ڏنو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي حڪومتي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ رياست مخالف تشدد جي رجحان کي روڪڻ جي لاءِ پاليسيون ۽ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن يقين ڏياريو ته دهشتگردي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مسلسل ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته دهشتگردي جي مسئلي کي حل ڪرڻ کانسواءِ ڪو به ملڪ معاشي ترقي جي سفر جي شروعات نه ٿو ڪري سگهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته 2023ع ۾ پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ 70 سيڪڙو اضافو ٿيو، اسان جي حڪومت دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي عزم تي قائم آهي. هن چيو ته پي آءِ سي ايس ايس جي رپورٽ کي حڪمت عملين کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان جو افغانستان جو دورو غيرسرڪاري دورو آهي، ان حوالي سان پرڏيهي آفيس وضاحت ڪري چڪي آهي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان دوري تي روانو ٿيڻ کان اڳ رياستي ادارن سان مشورو ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو سياستدان ٻن ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي بهتري جي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو ته ان جي آجيان ڪرڻ گهرجي پر مولانا فضل الرحمان جو دورو مڪمل طور تي غيرسرڪاري آهي، اسان ان جي دوري جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشُون رکون ٿا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته رياست پاڪستان جو موقف واضح آهي ته دهشتگرد گروهن سان ان وقت تائين ڳالهيون نه ٿينديون جيستائين اهي هٿيار نٿا اڇلائين ۽ پاڪستان جي آئين کي تسليم نٿا ڪري وٺن.

مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر
متعلقہ مضامین
مزید خبریں