GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

وزيراعظم پاران ايف بي آر جي انفورسمنٽ نظام کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت

image

اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايف بي آر جي انفورسمنٽ نظام کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ايف بي آر ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، نجي شعبي جو فروغ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، فعال ۽ خوشحال نجي شعبو ملڪي معيشت جي لاءِ انتهائي ضروري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم فيڊرل بورڊ آف روينيو جي معامن بابت اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، اٽارني جنرل منصور اعواڻ، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين راشد محمود لنگڙيال ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايف بي آر جي ٽيڪس وصولي جي انتظام جي حوالي سان ايف بي آر جي هوم گرون ٽرانسفارميشن پلان جي اصولي منظوري ڏني وئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ايف بي آر ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو ۽ ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن حڪومت جي اهم معاشي سڌارن ۾ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته اوڳاڙين ۾ بهتري سان عوام کي خدمتن جي فراهمي ۽ سماجي شعبي ۾ بهتري ايندي. وزيراعظم چيو ته ايف بي آر جو انفورسمنٽ نظام بهتر بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. وزيراعظم ان حوالي سان ايف بي آر جي انفورسمنٽ جي نظام کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت پڻ ڪئي. هن ايف بي آر ٽرانسفارميشن پلان کي ساراهيو ۽ چيو ته سٺي ٽيڪس ڏيندڙن کي ايف بي آر ٽرانسفارميشن پلان تي مشاورت جي لاءِ گهرايو وڃي ۽ انهن کان تجويزون ورتيون وڃن. وزيراعظم ايف بي آر ٽرانسفارميشن پلان جي حوالي سان سمورين لاڳاپيل ڌرين سان وڌيڪ مشاورت ۽ ايف بي آر کي انهن تجويزن تي عملدرآمد جي لاءِ لاڳاپيل سرڪاري ادارن سان گڏجي تفصيلي تبديلين جي منظوري حاصل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. نجي شعبي جي اهميت کي اجاگر ڪندي وزيراعظم چيو ته نجي شعبي جو فروغ حڪومتي ترجيحن ۾ شامل آهي. فعال ۽ خوشحال نجي شعبو ملڪي معيشت جي لاءِ انتهائي ضروري آهي. وزيراعظم ايف بي آر جي سمورن منصوبن جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائڻ جي تاڪيد ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي سان قدم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ايف بي آر ٽرانسفارميشن پلان تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايف بي آر پلان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو موثر استعمال، ٽيڪس وصولي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ايمانداري سان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن ۽ عملي جي حوصلا افزائي ۽ ٽيڪس قانونن کي لاڳو ڪرڻ کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان جامع حڪمت عملي شامل آهي. اهو پروگرام ايف بي آر جي آفيسرن ۽ ماهرن ايف بي آر چيئرمين سان گڏجي گذريل 40 ڏينهن ۾ جوڙيو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان پروگرام سان معاشي ترقي جو سفر روڪڻ کانسواءِ بهتر انداز ۾ وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪري سگهبو ۽ هر طبقي مان پوروٽيڪس ڏيندڙ ماڻهن کي وڌيڪ آسانيون ڏنيون وينديون. تجويزن موجب وقت تي پورو ٽيڪس ادا نه ڪندڙ ۽ فراڊ ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت قدمن ۽ ڏيتي ليتي تي پابنديون هڻي سگهجن ٿيون جنهن سان معاشري ۾ ٽيڪس چوري جي رجحان کي روڪي سگهبو. اهو قدم سٺي ٽيڪس ڏيندڙن سان وسيع مشاورت کانپوءِ لاڳو ٿيندو. اجلاس ۾ ايف بي آر جي ٽيڪس وصولي جي انتظام جي حوالي سان ايف بي آر جي هوم گرون ٽرانسفارميشن پلان جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. اهو پلان وزيراعظم جي هدايت تي ايف بي آر ملڪ جي ٻين معاشي ۽ ٽيڪنالاجي ماهرن سان گڏجي گذريل 25 سالن جي ٽيڪس وصولي جي تفصيلي تجزيي کانپوءِ جوڙيو آهي. ايف بي آر ٽرانسفارميشن پلان تحت ايف بي آر جي آڊٽنگ جي صلاحيت وڌائي ويندي. پهرين مرحلي ۾ ملڪ کي 32 سيڪڙو ٽيڪس روينيو ڏيندڙ لارج ٽيڪس پيئرز يونٽ، ڪراچي ۾ سٺي ڪارڪردگي ۽ ديانتدار آفيسرن جي مقرري کي يقيني بڻايو ويندو ۽ انهن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ جي لاءِ آڊيٽرز ۽ ماهرن جون خدمتون حاصل هونديون. عمده ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن ۽ عملي کي اعزازيو پڻ ڏنو ويندو ۽ وڏي گهٽ مدي ۾ ان ماڊل کي سموري ملڪ ۾ لاڳو ڪيو ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايف بي آر آفيسرن کي ڪامن ٽريننگ ۽ اسپيشلائيزڊ ٽريننگ پروگرامز کانپوءِ ملڪ جي بهترين يونيورسٽين مان پروفيشنل ڊگري پروگرام پورو ڪرڻو پوندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪسٽم ڊيوٽي جي چوري جي روڪٿام جي لاءِ اپريزمنٽ ۽ انفورسمنٽ جو اهڙو پروگرام جوڙيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اپريزر ۽ انسپيڪٽر کي اڳ کان پنهنجي اسائنمٽ جي خبر نه هوندي ۽ ڪم دوران ان جي ڪئيمرائن سان نگراني پڻ ڪئي ويندي. ڪسٽمز انسپيڪٽرز کي سٺي ڪارڪردگي تي پذيرائي ۽ دير وارن حربن ۽ بدعنواني تي سخت سزا ڏني ويندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ ايف ڊبليو او جي مدد ۽ تعاون سان نئين چيڪ پوسٽون ٺاهڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو.

مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر
متعلقہ مضامین
مزید خبریں