اسلام آباد – 23 مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ثقافت، قومي ورثي، ز??ان ۽ ادب کي استعمال ڪري معاشري ۾ عدم برداشت ۽ انتهاپسندي جي خاتمي کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، پاڪستان جي مثبت تشخص جي بحالي پوري قوم جو عزم آهي. هو زيبسٽ يونيورسٽي ۾ ميڊيا سائنسز شعبي پاران منعقد ڪ??ل ميڊيا فيسٽيول جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهي هئي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي پاڪستان ۾ فلمي صن??ت کي بحال ڪيو پيو وڃي. هن ??يو ته گذريل 35 سالن کان ملڪ دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي جنهن جي ڪري معاشري ۾ انتهاپسندي ۽ عدم برداشت ۾ اضافو ٿيندو ويو. هن ??يو ته ميڊيا بابت پراجيڪٽس ٺاهڻ تي نوجوان شاگرد ۽ شاگردياڻيون مبارڪباد جا مستحق آهن، پوري دنيا فلم انڊسٽري کي نوجوان نسل جي آگاهي جي لاءِ استعمال ڪري ٿي.