اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي يورپي ڪائونسل جي صدر چارلس مشيل ٽيليفون ڪئي، پشاور ۾ مسجد تي د??شتگرد حم??ي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ يوڪرين جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب يورپي ڪائونسل جي صدر سان ڳا??هائيندي وزيراعظم عمران خان يوڪرين جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي جاري فوجي تڪرار تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳا??هه تي زور ڏنو ته وڌيڪ ڇڪ??اڻ خطي ۽ دنيا تي انتهائي منفي اثر ڇڏيندي. وزيراعظم چيو ته هو اسرندڙ ملڪن تي تڪرارن جي منفي، معاشي اثرن کي مسلسل اجاگر ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جو اهو اصولي موقف آهي ته هو رڳو امن جو حصيدار هوندو. وزيراعظم جنگبندي ۽ ڇڪ??اڻ ۾ گهٽتائي ۽ يوڪرين ۾ شهرين جي لاءِ انساني امداد جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا روس ۽ يوڪرين سان دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ ان جو ٻنهي ڌرين سان ويجهو رابطو رهيو آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته تڪرار کي ڳا??هين ۽ سفارتڪاري ذريعي حل ڪيو ويندو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳا??هه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان جهڙا ملڪ انهن ڪوششن ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا ۽ اهو ته ٻئي ڌريون گڏيل مقصدن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ويجهو رابطو برقرار رکنديون. پاڪستان جي يورپي يونين سان لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪندي وزيراعظم چيو ته هو يورپي يونين جي قيادت سان ملاقات لاءِ پنهنجي برسلز جي د??ري جو منتظر آهي. هن صدر چارلس مشيل کي پاڪستان جي د??ري جي دعوت پڻ ڏني.