اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آه?? ته حڪومت سڀني اتحادين سان گڏجي عوام جي ڀلائي لاءِ ايجنڊا کي پڄاڻي تائين پهچائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آه??، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??ار??ن جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان نيشنل پارٽي جي سينئر اڳواڻن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وزير آغا حسن بلوچ، توانائي وارو مملڪتي وزير محمد هاشم نوتزئي، سينيٽر محمد قاسم رانجو ۽ بي اين پي جو جنرل سيڪريٽري جهانزيب حسين شامل آه??. ملاقات ۾ مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بي اين پي جي وفد ??ار??ن حڪومتي پاليسين جي مڪمل ت??ئيد جو اظهار ڪيو ويو. ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته حڪومت سڀني اتح??دي سان گڏجي عوام جي ڀلائي جي ايجنڊا کي پڄاڻي لاءِ رات ڏينهن محنت ڪري رهي آه??.