اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا عام ماڻهن جي زندگين ۾ بهتري، تيز رفتار انصاف جي فراهمي لاءِ 8 آرڊيننس، گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ 5 ار?? جي بنا وياج جي قرضن جي اسڪيم، ڪرتارپور لنگهه جي حوالي سان ڀارت سان معاهدي، قومي احتساب بيورو کي رڪارڊ فراهمي، ٽرسٽ فار وولينٽري آرگنائيزيشن جي ميمبرن جي مقرري، ڪنٽونمينٽس ۾ بي او ٽي بنيادن تي سولر جي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم سان گڏ وزيراعظم عمران خان جي صد??رت ۾ ٿ??ل وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اجلاس شروع ٿيڻ تي وزيراعظم مختلف وزارتن پاران عوامي ڀلائي جي حوالي سان ملندڙ تجويزن کي ڪابينا آڏو رکيو.