اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? چيو آ??ي ته پاڪستان قديم ترين ثقافتن ۽ تاريخي جايون رکندڙ ملڪ طور اڄ سياحت جو عالمي ڏهاڙو ملهائي رهيو آ??ي، اڄ 27 سيپٽمبر تي سڄي د??يا سياحت جو عالمي ڏهاڙو سياحت ۽ ڳوٺاڻي ترقي جي عنوان سان ملهائي رهي آهي، وزيراعظم چيو ته هي ڏي??هن گڏيل قومن جي عالمي سياح?? جي اداري جي اهتمام هيٺ گڏيل قومن جي سمورن ميبر ملڪن ۾ ملهايو وڃي ٿو، پاڪستان عالمي ڏهاڙي کي پوري جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جي لاءِ سدائين عالمي برادري جو ساٿ ڏنو آ??ي. سياح?? جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان جاري پنهنجي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته هلندڙ سال ان ڏي??هن جو موضوع سياحت ۽ ڳوٺاڻي ترقي چونڊيو ويو آ??ي. وزيراعظم چيو ته سياحت جو شعبو ڳوٺاڻن علائقن جي معاشي ترقي جا وسيع موقعا فراهم ڪري ٿو جتي اقتصادي سرگرمين جي فروغ جي سخت ضرورت آهي.