اسلام آب??د – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آئون چونڊيل وزيراعظم آهيان ڪنهن جي همت ناهي جو هُو مون کان استعيفا وٺي، نواز شريف خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي جيڪڏهن اسان مخالف ڌر جي بليڪ ميلنگ ۾ آياسين ته نسلون معاف نه ڪنديون، مشن کڻي سياست ۾ آيو آهيان، حڪومت ۽ فوج جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن، مخالف ڌر وٽ ڪوبه اخلاقي جواز ناهي، مخالف ڌر مال ٺاهڻ جي لاءِ اقتدار ۾ ايندي آهي، ??سان عدليه ۽ نيب تي ڪو به دٻاءُ ناهي وڌو، نيب اسان جي وزيرن کي به گهرايو جنهن تي اعتراض ناهي، نجي ٽي وي چئنل کي پنهنجي خصوصي انٽرويو ۾ هن چيو ته اسان مشڪل حالتن ۾ اقتدار سنڀاليو، معيشت ويٺل هئي، ??سان جي خلاف پروپيگنڊا ڪئي وئي، ??نقيد ڪئي وئي، ??حافين مشڪل وقت ۾ ملڪي مفادن جي تحفظ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو، وزيراعظم چيو ته ڪجهه ميڊيا هائوسز جو ڪردار سٺو رهيو ۽ ڪج??ه جو سٺو نه رهيو، هن چيو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه مون کان پڇي سياستدانن سان گڏجاڻي ڪئي، هن چيو ته فو?? منهنجي لاءِ اثاثو آهي، ??ينيٽ چونڊن ۾ ڪاميابي سان قانونسازي ۾ آساني ٿيندي، وزيراعظم چيو ته ڀارت نواز شريف جي مدد ڪري رهيو آهي