تربت – 13 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلوچستان جي پسماندگي جو سبب ماضي جا حڪمران آهن، ماضي ۾ بلوچستان جي سياسي اڳواڻن به عوام بدران ذاتي مفادن کي ترجيح ڏني، ماضي ۾ سياسي اڳواڻن بلوچستان ??ان وڌيڪ ??نڊ?? ۽ هڪ اڳوڻي صدر بلوچستان ??ان وڌيڪ دبئي جا دورا ڪيا، موجوده حڪومت جي دور ۾ سياسي مفادن ??ان مٿانهون ٿي ڪري بلوچستان تي خصوصي ڌيان ان لاءِ ڏنو پيو وڃي ته اهو ت??قي ۾ پوئتي آهي، ڪمزور طبقن کي سهولت فراهم ڪرڻ کانسواءِ ڪا به قوم ترقي نٿي ڪري سگهي، نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم بلوچستان ۾ به شروع ڪئي ويندي، موثر معاشي پاليسين جي ڪري ڪورونا جي باوجود ملڪي معيشت مثبت رخ ۾ گامزن آهي، 17 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪرنٽ اڪائونٽ پلس آهي، گذريل چئن مهينن ۾ ڪو به نئون قرض ناهي ورتو ويو، ڪورونا جي ٻي لهر سان پاڪستان به متاثر ٿي رهيو آهي، حفاظتي تدبيرن تي عملدرآم?? يقيني بڻائڻو پوندو. هو هتي ڏکڻ ضلعن جي چڱن مڙسن کي خطاب ڪري رهيو هو.