اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) قومي فوڊ سيڪيورٽي ۽ ريسرچ واري وفاقي وزير س??د فخر امام سان پاڪستان ۾ مقرر ڊئنمارڪ جي سفير لس روزن هولم گذريل ڏينهن ملاقات ڪئي. وفاقي وزير ان کي ڀليڪار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ڊئنمارڪ سان لاڳاپن کي گهڻي اهميت ڏئي ٿو. ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪوششن ۾ آه??ون. وفاقي وزير چيو ته ڊئنمارڪ ۽ـ پاڪستان وچ ۾ مستقبل ۾ هڪ مثالي لاڳاپا قائم ٿي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته پاڪستان کي پرڏيهه مان صحيح سنئين سڌي سيڙپڪاري جي ضرورت آه?? ۽ ڊئنمارڪ کي سيڙپڪاري جي موقعن جي ڳولا آه??، ان جي حڪومت ڊيري جي شعبي ۾ قيمتن ۾ واڌ جي تجويز پيش ڪئي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ ڊيري جي شعبي ۾ تمام گهڻي پيداواري صلاحيت موجود آه??، ڊئنمارڪ جي حڪومت کير کي ضايع ڪرڻ جي معاملي تي پڻ غور ڪيو ۽ پاڪستان ۾ ڪولڊ اسٽوريج ۾ سيڙپڪاريءَ جي خواهش جو اظهار ڪيو.