اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان آئين پاڪستان جي شق 91 جي ذيلي شق 7 تحت قومي ??سيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺندو. آئين موجب ان شق ۾ آهي ته وزيراعظم صدر جي رضامندي دوران عهدي تي فائز رهندو، پر صدر ان شق تحت پنهنجا اختيار استعمال نه ڪندو جيستائين ان کي اهو اطمي??ان نه ٿئي ته وزيراعظم کي قومي ??سيمبلي جي ميمبرن جي اڪثريت جو اعتماد حاصل نه آهي، ان صورت ۾ هو قومي ??سيمبلي جو اجلاس طلب ڪندو ۽ وزيراعظم کي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ جو حڪم ڏيندو.