ڪراچي – 12 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معاشري جي سمورن طبقن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ ترقي ممڪن نه آهي، نئين نسل خير جي ڪمن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ سان گڏوگڏ بدعنواني جي خلاف اٿي، ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جا اصول اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن، ٻار پنهنج?? ۽ ??احول جي صفائي جو خاص خيال رکن. اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان اسڪ??ئو??س سنڌ جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ خاتون اول ثمينه علوي ، پاڪستان بواءِ اسڪ??ئو??س ايسوسيئيشن جي چيف ڪمشنر سرفراز قمر، سنڌ جو چيف سيڪريٽري ۽ صوبائي ڪمشنر اسڪ??ئو?? سيد ممتاز علي شاهه، سڄي ملڪ مان مختلف اسڪ??ئو??س ايسوسيئيشن جي نمائندن، اسڪ??ئو??س ۽ خصوصي اسڪ??ئو??س شرڪت ??ئي. صدر چيو ته اسڪ??ئو??س هڪ تربيتي تحر??ڪ آهي جيڪا تنظيم، نظم ۽ نسق ۽ خدمت جي تربيت فراهم ڪندي آهي. هن ان موقعي تي اسڪ??ئو??س ۾ پنهنجي شموليت ۽ ان تحريڪ سان جڙيل پنهنجي يادن جي باري ۾ شرڪت ??ندڙن کي ٻڌايو، صدر ٻارن کي صفائي، سٿرائي ۽ صحتمند ماحول جي اهميت کي آگاهه ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ٻارن کي پنهنج?? ۽ ??احول جي صفائي جي نصيحت ڪندي چيو ته ماحول کي صاف رکڻ لاءِ وڻن جي تمام گهڻي اهميت آهي. وزيراعظم عمران خان سڄي ملڪ ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ جو پروگرام شروع ڪيو آهي. ٻارن کي پاڻ به ٻوٽا لڳائڻ گهرجن ۽ پنهنجي مٽن مائٽن کي به ٻوٽا لڳائڻ لاءِ قائل ڪرڻ گهرجي.