لاهور – 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ مديني جي رياست وانگر قانون جي بالادستي، ميرٽ ۽ انسانيت جي ڀلائي تي ٻڌل رياست جو تصور کڻي اچي ??هيا آهيون، خاص طور تي معاشري جي ڪمزور طبقن کي سهولت فراهم ڪرڻ تي ڌيان آهي، ملڪ ۾ تعميرات جي شعبي جي ترقي سان روزگار جا موقعا، غربت جو خاتمو ۽ ملڪي دولت ۾ اضافو ٿيندو، بئنڪن پاران گهرن جي لاءِ مورگيج جي سهولت جي فراهمي جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي لاءِ عدليه سميت سمورن ادارن جي تعاون جو ٿورائتو آهيان، ايڪهين صدي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ نظام ۾ موجود خرابين کي ختم ڪرڻو پوندو. هو نئون پاڪستان اپارٽمنٽس جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي حڪومت پنجاب، وڏي وزير، و??يرن ۽ مختلف ادارن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته توهان سڀني جي سامهون آئون پن??نج?? خوشي جوا ظهار ڪرڻ چاهيان ٿو، اسان اڄ جنهن مقام تي پهتا آهيون ان لاءِ ڪافي ڪم ڪيو آهي، ”فور ڪلوزر“ قانون منظوري ۾ ٻه سال لڳا، ان جي لاءِ عدليه جو ٿورو ادا ڪريان ٿو، ج??ڪڏ??ن هو مدد نه ڪري ها ته قانون منظور نه ٿئي ها، ڪيترن ئي سالن کان اهو قانون التوا ۾ هو، ان قانون جي منظوري کانپوءِ بئنڪ هاڻي مورگيج جي سهولت ڏئي رهيو آهيون، و??يراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ڪل آبادي جي 0.2 سيڪڙو جي شرح سان مورگيج جي سهولت ڏني پئي وئي جڏهن ته اولهه، آمريڪا سميت ٻين ملڪن ۾ اها شرح 80 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته ج??ڪڏ??ن ڪنهن ماڻهو وٽ روڪ رقم نه آهي ته هو نه پن??نج?? گهر خريد ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي گهر ٺاهي سگهي ٿو، دنيا ۾ ان جي لاءِ بئنڪون قرض فراهم ڪنديون آهن جيڪو پئسو مسواڙ جي مد ۾ ويندو آهي اهو گهر جي قسطن ۾ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ اهو گهر ان ماڻهو جي ملڪيت بڻجي ويندو آهي، و??يراعظم چيو ته ان سان هر ماڻهو وٽ هڪ موقعو ميسر آيو آهي ته هو قسطون ڏئي پن??نج?? گهر حاصل ڪري سگهي، ان منصوبي کي عملي جامو پارائڻ جي لاءِ ايل ڊي اي، بئنڪن سيڪٽر، عدليه سميت سمورن ادارن ڀرپور تعاون ڪيو.